ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري و??اق?? وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??ندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ??يئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. و??اق?? وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ??ندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سه??لت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. و??اق?? وزير چيو ته ??مورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي و??اق?? وزير چيو ته ??ڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو و??ي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان معيشت جو اس??حڪ??م ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.