اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪ??ي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن ??ي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن ??يو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو ب??ائ?? عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان ??يو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان ??يو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن ??ي جوابده بڻائي.