اسلام آباد-14 سي??ٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جمهوريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جمهوري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريت جي عالمي ڏ??نهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جمهوريت جي عالمي ڏ??نهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏ??ڻ آهي“.پن??نج?? پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ?? ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿ??، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جمهوري عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿ??. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جمهوريت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جو مستقبل جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جمهوريت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چيو ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جمهوريت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن جي ميراث جمهوري قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏ??ارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت ذريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿ??.