اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميا??ي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو ??هي ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو ??ين ايف سي سي سي جي ڪوپ 29 جي تياري جي حوالي سان ترقياتي حصيدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماحولياتي سفارتڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي سمارٽ زراعت جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسميا??ي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو ??نهن جو شمار عالمي سطح تي موسميا??ي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ??ه عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گ??ٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جنهن بنيادي ڍانچي ۽ روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ??هي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن کان موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ??نهن جو مقصد موافقت جي منصوبن لاءِ موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ??ه هو موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينجز لاءِ علائقائي حل تيار ڪرڻ لاءِ بزنس 20 ملڪن سان تعاون لاءِ سرگرم عمل آهي. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ??نهن ۾ خاص ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. موسميا??ي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوپ 29 سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ موسميا??ي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس منصوبا??ند?? جي ضرورت تي زور ڀريو.