اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جو ??زي??اعظم انور ابراهيم پاڪستان جو پنهنجو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان کي نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ رخصت ڪيو. ان کان اڳ اربع ڏينهن پاڪستان اچڻ تي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ ملائيشين ??زي??اعظم جو استقبال ڪيو هو. تفصيل موجب دوري دوران انور ابراهيم اعليٰ سطح جي وفد جنهن ۾ ??زي??، نائب ??زي?? ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ??ئي جڏهن ته صدر آصف علي زرداري سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري کانپوءِ ملائيشين ??زي??اعظم انور ابراهيم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لکيو ته منهنجي پاڪستاني هم منصب شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن سان گڏوگڏ صنعتي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي وسيع پئماني تي لاڀائتا نتيجا نڪتا. هن چيو ته انهن ملاقاتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ا??ليٰ قيادت جي عزم جي ??ڪا??ي ٿئي ٿي. ڌرين مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. دوري دوران ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ملائيشيا کي 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. انور ابراهيم چيو ته يقيني طور تي پاڪستان پاران گوشت، چانور ۽ پام آئل جي درآمد سميت واپار ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن اهم شعبن جي ذريعي هنرمند ڪارڪنن جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي سگهه ڏيندا. دوري دوران هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشين ??زي??اعظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ايوارڊ سان پڻ نوازيو. کيس نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو جتي هن ليڪچر پڻ ڏنو.