لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پوليس ڪانسٽيبل عبدالحميد جي شهادت تي تعزيت جو اظ??ار ڪندي واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب محمد شهبا?? شريف واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد اه??ڪار جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ هميشه احتجاج جي بهاني تشدد وارو رستو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته ان سياسي پارٽي ماضي ۾ سرڪاري ٽي وي چينل تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس جو دروازو ٽوڙيو. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث سمورن ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي.