اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي متوقع دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف ??عبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ لائحه عمل طئي ڪرڻ ۽ سي پيڪ تحت جاري م??صو??ن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، گوادر پورٽ اٿارٽي جڏهن ته چين ۾ رهندڙ پاڪستان جي سفير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان کي سي پيڪ فيز 2 تحت وڌ کان وڌ سيڙپڪاري آڻڻ ۽ جاري م??صو??ن جي وقت سر پوري ٿيڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير لاڳاپيل عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو شنگهائي سمٽ ۾ چين جي وزيراعظم جي آمد کان اڳ روزاني جي بنياد تي سي پيڪ معاهدن ۽ م??صو??ن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس ڪيا ويندا.