اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته شنگهائي تع??ون تنظيم جو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي حڪ??مت جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينه جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جو نتيجوآهي. ڪالهه هتي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تع??ون تنظيم ڪانفرنس جو رٿجڻ بيشڪ موجوده حڪ??مت جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ بهترين سفارتڪاريءَ جو چِٽو ثبوت آهي، ان جو مطلب آهي ته سڄي دنيا پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي. ان ڪانفرنس جو رٿجڻ سان پ??ڪستان کي دوست ملڪن سان ثقافتي، واپاري، تاريخي ۽ سلامت?? جي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بنائڻ جو موقعو ملندو. پاڪستان کي شنگهائي تع??ون تنظيم جي شريڪ ملڪن سان علائقائي استحڪام جي مختلف شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ان سان پ??ڪستان ۾ واپاري ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن ۾ واڌ جو رجحان پيدا ٿيندو، جنهن سان ملڪ جي بهتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ نيون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته شنگهائي تع??ون تنظيم ڪانفرنس خط?? جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي جائزو به وٺندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جو نه صرف پاڪستان تي اعتماد وڌندو پر واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تع??ون کي پڻ اثرائتي هٿي ملندي. هن چيو ته شنگهائي تع??ون تنظيم جو انهن حالتن ۾ بندوبست ڪرڻ پاڪستان جي وزيراعظم جي سياسي ۽ سفارتي سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ وڌيڪ سفارتي اڪيلائپ کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان کي هر پل ملڪي مفادن لاءِ تابعدا رهڻو آهي ته جيئن ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي، ملڪ کي سفارتي سطح تي پيش ايندڙ اڪيلائيپ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ به پاڪستان مسلم ??يگ (ن) ڏانهن وڃي ٿو. امير مقام وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ پڻ وزيراعظم پاڪستان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن ۾ اسرائيلي ڏاڍ ۽ بربيت ۽ انساني حقن جي بدترين پ??ئمالين جي خاتمي لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي دهشتگرد?? جيڪا لبنان، ايران، فلسطين ۽ ٻين ملڪن تائين ڦهلجي رهي آهي، ان جي ازالي لاءِ مسلم اُمت گڏ ٿئي ۽ اهڙو لائحه عمل اختيار ڪري جنهن سبب اسرائيل دهشتگردي ظلم ۽ بربريت جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي.