اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي من??فا??ي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو و??و. ترجمان چيو ته ??هو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته ??سان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته ??راست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.