اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي ڪري معاشي ترقي جو سفر جاري آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدا حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن، سيڙپڪاري جو فروغ ۽ معاشي تعاون ۾ اضافو ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي، وز??را??ظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي اهم رهي، پاڪ سعودي لاڳاپن هڪ نئون موڙ اختيار ڪري ورتو آهي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري وطن واپس اچي ويو آهي، وز??را??ظم جو دورو انتهائي اهميت وارو رهيو. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي پنجين ملاقات هئي. وفاقي وزير چيو ته مختصر عرصي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدا حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جا وڏا ??نص??با پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيا آهن، سعودي عرب سان 28 ايم او يوز تي صحيحون ٿيون هيون جن مان 8 ??نص??بن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وز??را??ظم سعودي عرب ۾ واٽر سمٽ کي خطاب ڪيو ۽ فرانس جي صدر ميڪرون سان پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد جي وچ ۾ گذريل ڏينهن تاريخي ملاقات ٿي. پاڪ سعودي لاڳاپن هڪ نئون موڙ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف جو سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان آهي. ??ڪو??ت جي معاشي قدمن سان پاڪستان ۾ 6 سالن کانپوءِ مهانگائي 4.8 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري وئي آهي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو ۽ ڪائيبور 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، مهانگائي 6 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ??ڪو??ت دوران جتي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا اتي ان??ن جو معيشت تي به ڪو ڌيان نه هو. اڄ سڄي دنيا جا اڳواڻ پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ ترقي کي ساراهي رهيا آهن، معيشت ترقي ڪري رهي آهي، سمورا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا مان اڳواڻ پاڪستان اچي رهيا آهن، تازو ئي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري ويو. وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب جي ولي عهد سدائين گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو، هو پاڪستان جي لاءِ سٺا تاثر رکي ٿو، وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي ساڻس ملاقات غيرمعمولي رهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. سعودي قيادت پاڪستان ??ڪو??ت پاران ??نص??بن جي شروعات تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري جو فروغ ۽ معاشي تعاون ۾ اضافو ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ايندي، روزگار پيدا ٿيندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي، عوام کي ريليف ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تمام گهڻي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان مشڪل وقت جا ساٿي آهن. وز??را??ظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ مثالي تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته وز??را??ظم جو سعودي عرب جو دورو هڪ اهم سنگ ميل هو. وز??را??ظم واٽر سمٽ ۾ پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو، اتي انڊس واٽر ٽريٽي جي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ پاڪستان جي اهميت ۽ ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ پاڪستان جي معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.