قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا پاڪستا?? جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورت?? جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيال?? جو اظهار هن سرب??اه?? اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر پ??ابوو س??بي??نتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پرابوو س??بي??نتو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن??. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستا?? جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل ف??اه?? ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي سا??اه??و ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي حوالي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊونيشيا جي حمايت کي سا??اه??و. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيا?? جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر پ??ابوو س??بي??نتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏن?? جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏن??. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنه?? جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.