اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وا??ا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انتشار گولي هلڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي ??هي?? گولي هلي آهي ته ثبوت سامهون ڇو نه ٿا آڻين؟ ڊوڙون ڇو لڳايون؟ موقعي تان ڀڄي ويندڙ بهانا ٺاهي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گليلن، بلورن، پٿرن، اسٽن ??نز ۽ هٿيارن سان ليس شرپسندن 26 نومبر تي وفاق تي چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان نقصان جو مداوو ڪير ڪندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳوليون. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف وٽ گولي هلڻ جو ڪو هڪ ثبوت آهي ته سامهون آڻي. هن چيو ته پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو شيوو ??هي?? پنهنجي مٿان اٿندڙ سوالن جا جواب ڏين، الزام هڻي انهن کان منهن نه موڙين، 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن، تحريڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي.