اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين جي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه، صوبائي وزيرن ۽ چ??ن جي قونصل جنرل شرڪت ڪئي. صدر پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چ??ن اهم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. صدر آصف علي ??رداري چي?? ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گهري دوستي آ??ي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چي?? ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م پاڪستاني چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. صدر چي?? ته پاڪستان چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چي?? ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻائڻ ط??ف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.