اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته سيڙپڪاري جي لاءِ اهڙا هدف مقرر ڪيا وڃن جن کي حاصل ڪرڻ جلد کان جلد ممڪن ٿئي، موثر مارڪيٽنگ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي متوجه ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي جلد کان جلد تعمير مڪمل ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بورڊ آف انو??سٽ??ينٽ تحت جاري منصوبن ۽ مختلف قدمن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزي??اع??م ملڪ ۾ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي جلد کان جلد تعمير مڪمل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م چيو ته عالمي سيڙپڪارن سان بي ٽو بي م??اه??ن جي پڄاڻي ۽ صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري جي لاءِ اهڙي نوعيت جا هدف مقرر ڪيا وڃن جن کي حاصل ڪرڻ جلد کان جلد ممڪن ٿئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي موثر مارڪيٽنگ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي متوجه ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. بزنس فيسيليٽيشن سينٽرز جي تعمير، روڊ شوز جو انعقاد ۽ ان جهڙا ٻيا قدم ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهن. وزي??اع??م کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 35 خصوصي اقتصادي زونز جي جيوگرافيڪل انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جي ذريعي سروي ڪئي وئي آهي. خصوصي اقتصادي زونز ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ وسيع ڊيٽا موجود آهي. خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ 18 نقاطي پلان جوڙيو ويو آهي. ڪيترين ئي چيني ڪمپنين سان 200 کان وڌيڪ بي ٽو بي م??اه??ا طئي ٿي چڪا آهن ۽ 70 ملين ڊالرز جي ماليت جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ آسان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. آسان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع تحت بورڊ آف انو??سٽ??ينٽ ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي موجوده دور جي گهرجن موجب جوڙي سگهندو. اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.