اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? کي رومانيا، صوماليا، نيپال، جاپان ۽ بنگلاديش جي سفيرن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر کي رومانيا جي نامزد سفير ڊان اسٽوئنسڪو، وفاقي جمهوريه صوماليا جي نامزد سفير شيخ نور محمد حسن، نيپال جي نامزد سفير ريتا ڌتل، جاپان جو نامزد سفير اڪامتشو شيوچي ۽ بنگلاديش جي نامزد هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر سفيرن جو استقبال ڪند?? کين سندن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستا?? سان واپار، معيشت ۽ ثقافت ج?? شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن جي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي هڪ دست?? کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو.