اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح هڪ عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، محمدعلي جناح پ??هن??ي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کن?? جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کن?? پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پ??هن??ي خاص پيغام ۾ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي، پوري قوم پاڪستان جي با??ي جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي با??ي جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي با??ي جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي پاڪستان جي با??ي جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پ??هن??ي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ۽ جمهوري رو??ن کي هٿ?? وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.