اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي مسئلن ??ي حل ۽ قومسازي ۾ ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستانين کي عظيم ??وم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي اهتمام هيٺ 24 هين سالياني ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي اين ايس ڊگهي عرصي کان صحافين جي حقن لاءِ ج??وجهد ڪري رهي آهي، هن وقت پ??نٽ ميڊيا انڊسٽري کي چئلينج?? درپيش آهن، حڪومت انهن مسئلن ??ي حل لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي.