اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پ?? پي) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي روڪٿام جي لاءِ ??ينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي جي خاتمي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ضابطه فوجداري قانونن ۾ ترميمن، سنگ?? ٽريزري بئنڪ اڪائونٽ جي قاعدن ۾ تبديلي ۽ نيشنل هيلٿ ايمرجن??ي ريسپانڊ ايڪٽ جي منظوري ڏني آهي، نيشنل هيلٿ ايمرجن??ي ريسپانڊ ايڪٽ جو مقصد ڪنهن به قدرتي آفت جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ آهي، وفاقي ڪابينا پي ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي فيصلو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب پهريون ڀيرو خاص معاونين پڻ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم واضح هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي ۽ فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ??حافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو، پي ٽي وي جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي وي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ لائيسنس فيس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، مختلف راءِ ??امهون اچڻ تي پ?? ٽي وي لائيسنس فيس وڌائڻ جو معاملو ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي شاندار تاريخ آهي، اهڙي طرح جا ادارا عظمت جو نشان هئا پر پيپلزپارتي ۽ مسلم ليگ (ن) رياستي ادارن ۾ بدانتظامي ۽ ميرٽ جي ابتڙ ڀرتين سان ادارن کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي جنهن اداري کي ڏسو ان ۾ اهو ئي حال آهي، موجوده حڪومت پي ٽي وي، اسٽيل ملز سميت سمورن ادارن کي ٻيهر پنهنجي پ??رن تي بيهارڻ چاهي ٿي، ڇو ته اهي ادارا رياست جي نمائندگي ڪن ٿا.