اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت کي ا??تعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پا??ستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ا??تعمال ۾ آندو وڃي، پا??ستان موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪري صحيح انگ ا??ر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذهانت کي ا??تعمال ۾ آڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پا??ستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن ??ي ڊيٽا موجود آهي، ا??ا ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.