اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي ٻڌل آهي، پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضر??رت آهي. متحده عرب امارات پاڪستان ۾ واپاري ۽ اقتصادي ش??بن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده عرب امارات جي سفير حامد عبيدالزابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽ چ??ئرمين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي آهي. پارلياماني سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضر??رت آهي.