حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائد??عظ?? محمد علي جناح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪستان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت ??هي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ٿي رهيو ??هي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ ??هي ۽ اسان قائد??عظ?? جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ ??هي ته قائد??عظ?? جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزير??عظ?? عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.