اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي لاءِ ٽيڪس جي نظ??م کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي خصوصي طو?? تي زور ڏيندي چيو ته ايس ايم ايز جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي واپارين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ايف بي آر ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.