اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ جا 4.8 ارب ??پيا خرچ شفافيت جو اعليٰ مثال آهن. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ جي نگراني جي لاءِ قائم پاليسي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ??ئي جنهن ۾ فنڊ جي استعمال جي تفصيلن جو جائزو ورتو ويو. اهو فنڊ ڪوويڊ 19 متاثرين جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ مارچ 2020ع تي قائم ڪيو ويو هو. ڪورونا رليف فنڊ ۾ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان سرنديءَ وارن پاران 4.8 ارب ??پيا عطيو ڪيا ويا آهن جن مان 1.08 ارب ??پيا ٻاهرئين ملڪ جڏهن ته 3.8 ارب ??پيا اندرون ملڪ مان عطيو ڪيا ويا.