اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ -19 جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 61 شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي ڇوٽ ڏيڻ، ڊسٽر??ٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ، ربيع فصل خاص طور تي ڪڻڪ جي لاءِ وزيراعظم امدادي پيڪيج ۽ نيشنل ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيندو، ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ انه?? جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو، وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ميمبر?? جي پنهنجي تڪن ۾ مسئل?? جي لاءِ هڪ واضح طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وقت سر مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ شڪايت بابت لاڳاپيل کات?? جي آفيسر?? جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪابينا رينه سعيد خا?? جي چيئرپرسن طور اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورد م??رر جي منظوري ڏني، ڪابينا نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪميشن ۾ صوبن، اسلام آباد، اقليتن ۽ عورت?? جي نمائندگي شامل آهي، ڪابينا ملڪ جي 19 ضلعن ۾ مقرر ڊسٽر??ٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ جي منظوري ڏني، اهي اختيار ڪووڊ 19 (پريويننش آف اسمگلنگ) آرڊيننس 2020ع جي شق نمبر 8 ٽو تحت ڏنا ويا آهن، اهم سرڪاري ادارن ۽ ڪمپنين ۾ چيف ايگزيڪيٽو جي مقرري?? جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقررين جو عمل مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي.