اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته احمد فراز ان??انيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آو??ز بلند ڪيو، هو هڪ اصول پسند شاعر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن اڪيڊمي آف ادبيات پاڪستان ۽ احمد فراز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شاعر احمد فراز جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ”احمد فراز قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهمان جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته احمد فراز هڪ بااصول ان??ان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شاعري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو محبت ۽ ان??انيت جو شاعر هو، هو پاڪستان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.