اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 30 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ج??ري انگن اکرن موجب سڄ?? ملڪ ۾ هڪ هزار 772 ماڻهن ج?? ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 38 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 32 سيڪڙو، پش??ور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پش??ور ۾ 47 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 604 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 208، پنجاب ۾ 14 هزار 7، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 509، اسلام آباد ۾ 6 هزار 540، بلوچستان ۾ 431، گلگت بلتستان ۾ 466، آزاد ڪشمير ۾ 443 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 78 هزار 517 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 318 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 35 هزار 163 آهي.