اسلام آباد – 21 ف??بر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گر??پ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ??ريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گر??پ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن ??حت??اج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ??نهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ??و وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.