اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهول??ن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقلي??ن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اقلي??ن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقلي??ن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري رواي??ن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪو??شن کي تيز ڪيو ويندو.