اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا و??ئرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا و??ئرس سبب 95 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي م??جود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ 3 هزار 221 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ ج?? چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ ج?? چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 58 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 57 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 87 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 695، پنجاب ۾ 20 هزار 496، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 9، اسلام آباد ۾ 3 هزار 966، بلوچستان ۾ 456، گلگت ب??تستان ۾ 676، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن.
هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 93 هزار 304 ٿي ??ڪو آهي. گگت ب??تستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 492 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 87 هزار 423 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا و??ئرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 آهي.