اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم ??مر??ن خان خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وز??را??ظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي کي تي?? ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ??رو??ت آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اقتصادي زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اقتصادي زونز آهن جن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي، ب??وچ??تان ۾ بوستان، پنجاب ۾ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي ۽ ب??وچ??تان ۾ گوادر شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ انهن مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ونڊو آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.