اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پاڪست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اس??ن جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي ??هي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاو??د جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون اس??عمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.