اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پوري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان س??نحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي ت?? پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پوري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن س??ن گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وز??ر چيو ته اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان ک?? پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن ق??ئم ڪيو آهي.