اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني ??اپ??ري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺن، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پاليسين سان غي?? ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو ??اصو اضافو ٿيو، پاڪستان غي?? ملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ ??اپ??ري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني ??اپ??رين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، ??اپ??ري وفد جي دوري سان ٻنهي ??لڪ?? جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ??اپ??ري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪ?? جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد ??اپ??ر ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائ?? ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.