حضور صه مديني جي رياست جي قيام جي ذريعي انساني تاريخ جي عظيم ترين تهذيب جو بنياد رکيو: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جي قيام جي ذريعي انساني تاريخ جي عظيم ترين تهذيب جو بنياد رکيو ۽ رياست جي لاءِ رهنما اصول جوڙيا، اسان کي پنهنجي رياست کي ان بنيادي اصولن موجب هلائڻ جو وچن ڪرڻو پوندو، قانون جي احترام جو چئيلنج فوري ڌيان جو مستحق آهي، طاقتور ۽ مڪار سياستدان ۽ مافيا ڪرپٽ سسٽم جي ڪري پنهنجي مراعتن جو تحفظ ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ انهن رياستي ادارن کي به ڪرپٽ ٺاهي ڇڏيو آهي، اهي رت پياڪ اهڙا جيوڙا آهن جيڪي ملڪ سان مخلص نه آهن، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان قومي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي به اهو مضمون شيئر ڪيو آهي، ”روح رياست مدينه: پاڪستاني معاشري جي نئين سر جوڙجڪ“ جي عنوان سان پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رياست مدينه جي روح کي زنده ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي، قانون جي حڪمراني ان رياست جي اهم ترين خاصيت هئي. دنيا ۾ ڪامياب رياستون اهي ئي آهن جتي سختي سان گڏ قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي. اولهه ۽ اوڀر ۾ جن قومن خوشحالي حاصل ڪئي انهن ئي اصولن تي عمل ڪيو، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي نظرانداز ڪرڻ جي نتيجي ۾ قومي خزاني ۾ اربين ڊالر جي لُٽ مار ٿي جنهن عوام کي غربت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي جيڪي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ فوري ڌيان جو مستحق قانون جي احترام جو چئلينج آهي، اسان کي ان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، اسان جي سياسي تاريخ ۾ طاقتور ۽ مڪار سياستدان ۽ مافياز قانون کان مٿانهون رهڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ ڪرپٽ سسٽم جي مدد سان حاصل ڪيل سهولتن ۽ مراعتن کي محفوظ بڻائيندا آهن ۽ انهن رياستي ادارن خاص طور انهن ادارن کي جن جو ڪم ئي قانون جي احترام ۽ حاڪميت جي حفاظت ڪرڻ هو کي به ڪرپٽ بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا ماڻهو ۽ مافيا ان نظام جو رت پيئندڙ اهي ڪيڙا آهن جيڪي ان ملڪ سان مخلص نه آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حقيقي قوت وسيلا ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ انهن کي سڪست ڏيڻ اڻٽر آهي، وزيراعظم پنهنجي مضمون ۾ معاشري جي اخلاقي تعمير کي ماڻهن جي صوابديد تي ڇڏڻ ۽ رياست جي نيڪي ۽ بدي جي تصورن جي باري ۾ غير جانبدار هئڻ جي خيال کي فرسوده قرار ڏيندي چيو ته اهو تصور رياست کي پنهنجي اخلاقي ذميدار نڀائڻ کان روڪيندا، ۽ انهن جي مخالفن کي کليو موقعو فراهم ڪندو آهي ته هو اسان جي تعليمي نظام ۽ معلومات جي ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجي بي پناهه وسيلن جي مدد سان اسان جي اقتدار کي برباد ڪن، وزيراعظم چيو ته قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم جي ذريعي امر بن المعروف جي ذميداري ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سان اسان جي معاشري جا اخلاقي معيار بلند ٿيندا. وزيراعظم رياست مدينه جي فلاحي رياست جي تصور کي اجاگر ڪندي چيو ته مديني جي رياست تاريخ انسانيت جي پهرين رياست آهي جنهن ۾ ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي وئي، اسان کي به نبي ڪريم ﷺ جي ان سنت کي زنده ڪرڻو پوندو، اسان محدود وسيلن جي باوجود احساس پروگرام جهڙي قدمن جي لاءِ ايترا وسيلا مختص ڪيا آهن جيترا پهرين ڪڏهن نه ڪيا ويا، صحت سهولت پروگرام پاڪستاني تاريخ جي عظيم منصوبن مان هڪ آهي، جيڪو شهرين جي لاءِ يونيورسل هيلٿ جي سروس فراهم ڪندو، اهي منصوبا غربت ۾ ڦاٿل انهن ڪمزور شهرين جو تحفظ ڪندا جيڪي علاج لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن، ان سان سڄي ملڪ ۾ نجي اسپتالن جو هڪ نيٽ ورڪ به وجود ۾ ايندو، پنجاب حڪومت ان منصوبي لاءِ 4 سئو ارب روپيا مختص ڪيا آهن، وزيراعظم پنهنجي حڪومت پاران احساس اسڪالرشپ پروگرام جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان پروگرام تحت 6 ملين وظيفا ڏنا پيا وڃن، جنهن جي ماليت 47 ارب روپيا آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي.

مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa