اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي سا?? وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽ??يٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سا?? فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري ان??اف جي فراهمي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سا?? رجوع ڪن. هن چيو ته فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري ان??اف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري ان??اف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي سا?? سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.