اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تائين محدود ناهي رهي، ڪرناٽڪ جو واق??و ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي امن کي درپيش خطرن جي حوالي سان هڪ ب??ان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسان عالمي برادري جو ڌ??ان مسلسل ڇڪرائيندا رهيا آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري چئي چڪو آهي ته اسان کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته نيامي ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان نه رڳو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي خلاف آواز بلند ڪيو پر اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪستان پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ڪرناٽڪ جو واق??و ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هندستان ۾ حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان ۾ اقليتن سان مسلسل ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رهيو جيڪو ان??هائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هندستان هڪ طرف پاڻ کي سيڪيولر ازم ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرناٽڪ ۾ ٿيو اهو هندستان ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي خاموش به رهيا ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته کين پنهنجي بنيادي ان??اني حقن جي تحفظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪر??ان ٿو، آئون اڄ ان??اني حقن جي علمبردار تنظيمن جو ڌ??ان ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي طرف ڇڪرائڻ چاه??ان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هندستان ۾ تعليم پرائيندڙ انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪو??ش ڪئي پئي وڃي، آئون هندستان ۾ رهندڙ سيڪيولر سوچ جي حامل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي تشخص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي خلاف آواز بلند ڪن، شاهه محمود قريشي چيو ته ان??اءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر ان??از ۾ ا??تعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.