اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪو??شو?? ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي فيصلن جو محور ۽ مرڪز عوام کي ريليف ۽ سهولتون ڏيڻ آهي. فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪرپٽ ٽولي جون نظرون ملڪي خزاني مان ڦ??يل دولت کي بچائڻ تي آهن، 2018ع کان اڄ تائين مخالف ڌر ٽائيم پاس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. دن??ا ۾ سئو سالن جو سڀ کان وڏو ڪورونا بحران هجي يا 50 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون بلند ترين سطح تي هجن، وزيراعظم عمران خان سدائين عوام جي لاءِ ”مردِ بحران“ بڻجي سامهون اچي ٿو. دن??ا ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي باوجود وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.