اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جا??ع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن ت?? پابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج رمضان المبارڪ ج?? مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ?? تيزي آندي آهي، ڀارتي قابض فوج سرينگر جي جا??ع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن ت?? پابندي لڳائي جنهن ج?? پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي ت?? پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا قابل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ ج?? بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين ت?? پابندي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي ت?? پابنديون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.