اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ل??گ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان جي سازشي خط جي تماشي کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪري ڇ??يو آهي. پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو اهو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين جي سازشي ٿيوري دفن ڪري ڇ??ي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇ??يو آهي ته تماشو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.