اسلام آباد – 13 R11; مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد ا??نهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شيخ خليفه بن زيد ا??نهيان جي لاڏاڻي سان متحده عرب امارات هڪ دور انديش اڳو??ڻ ۽ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو آهي، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد ا??نهيان جي لاڏاڻي تي متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.