ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آ??ي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي جي سهڪار جو بهترين مثال آ??ي، جلد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? ۾ ??رڪي جو وڏو حصو هوندو، سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ??پ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ پاڪ بح??يه جي ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ بح??ي جهاز پي اين ايس بدر جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بح??ي جهاز ترڪي جي ايم ايس اسفات جي تعاون سان ڪراچي ??پ يار?? ۾ ??يار ڪيو ويو آهي. ويراعظم چيو ته ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آ??ي، پاڪ بح??يه جي سربراهه، ترڪي ڪمپني ۽ ??پ يارڊ جي عملي کي ان عظيم ڪاميابي تي مبارڪب??د پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي جي سهڪار جو بهترين مثال آ??ي، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آ??ي، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو ڀاءُ ۽ دوست آهي ۽ هو پاڪستان ڪاز جو وڏو حامي آ??ي، سندس دور ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي استحڪام حاصل ٿيو آهي ۽ اسان جا لاڳاپا پرڏيهي پاليسي سان جهاز سازي ۽ ٽرانسپورٽ کان صحت جي شعبن تائين پکڙجي ويو آهي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي گڏيل فائدي لاءِ اسان عظيم بلندين تائين وٺي وينداسين. پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان پاڪ ترڪ لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز ٿي ويو آ??ي، پاڪستان ۽ ترڪي هڪ قوم آهن جيڪي ٻن مختلف ملڪن ۾ رهن ٿيون، ڪورونا دوران جهاز جي تياري ٻنهي ملڪن جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ پاڪ بح??يه ۽ ترڪي جي ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ اسان ترڪي جي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جي ڊگهي ساحلي پٽي آ??ي، واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ گوادر ان جو مرڪز بڻجي رهيو آ??ي، سي پيڪ کي ترڪي تائين سگهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي عوام جي فائدي لاءِ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ صحت جي شعبن ۾ گهڻ رخو تعاون نئين بلندين کي ڇهي رهيو آ??ي، پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ ميري ٽائيم سرگرميون وڌنديون جنهن سان مالياتي ۽ صنعتي ترقي کي فروغ ملندو، اهو سنگ ميل عبور ڪرڻ تي پاڪ بح??يه جي سربراهه، سندس ٽيم ۽ دفاع واري وزير جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي رابطا وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏئي رهي آ??ي، ترڪي سان تعاون جا مثبت اثر پوندا، ترڪي سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جا لاڳاپا قيام پاڪستان کان پهرين جا آهن ۽ جلد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? ۾ ??رڪي جو وڏو حصو هوندو. هن چيو ته ترڪي 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهرواريءَ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو به ڪيو هو ۽ ترڪ خاتون اول متاثرين لاءِ هار جو عطيو به ڏنو، اهو اسان جي تاريخ جو يادگار لمحو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي تي وزيراعظم ڪراچي ??پ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي عملي لاءِ 10 ڪروڙ روپين جو به اعلان ڪيو. پاڪ بح??يه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪ بح??يه ملڪي دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آ??ي، قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪراچي ??پ يارڊ جو اهم ڪردار آ??ي، ان موقعي تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو پيغام به پڙهي ٻڌايو. هن خاطري ڪرائي ته ترڪي پاڪستان سان عسڪري تعاون کي فروغ ڏيندو، ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو زڪر ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ مستحڪم لاڳاپن ۽ تعاون جو هڪ وڏو مثال آ??ي، پاڪستان جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي اسان جي ويجهو وڏي اهميت آ??ي، هن چيو ته ان منصوبي تحت ٻيو بح??ي جهاز سيپٽمبر ۾ استنبول ۾ لانچ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ترڪي جي دفاع واري وزير هولوسي آقار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا هڪ نئين مرحل?? ۾ ??اخل ٿي ويا آهن، پي اين ايس بدر پاڪ بح??يه جي دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائق?? ۾ ??من ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، اهو جهاز جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آ??ي، 2023ع، 2024ع ۽ 2025ع ۾ وڌيڪ بح??ي جهاز به لانچ ڪيا ويندا، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي دارومدار دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي، اسان جي دفاعي صنعت اعليٰ معيار رکندڙ آ??ي، ترڪي جي عوام پاڪستان کي وڏي اهميت ڏي ٿي ۽ اسان جي گڏيل لاڳاپن جي نوعيت ٻين ملڪن کان مختلف آ??ي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪي هر شعب?? ۾ ??رقي ڪئي آ??ي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ اهڙن وڌيڪ منصوبن تي به ڪم ڪندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ پاڪستان جي دفاعي قوت ۾ اضافو ٿيندو.