لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪم??ني?? کي درپيش مسئلا ترجيحي ??ني??دن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪم??ني?? جي ملازمن ل??ءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ڪم??ني?? جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ ??سين، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، گهرو، ناڻي، پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽرين، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ امڪاني موقعن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪم??ني?? کي درپيش مسئلا ترجيحي ??ني??دن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سمورين چيني ڪم??ني?? جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.