اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفر??س ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري بر??در?? آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفر??س ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري بر??در?? شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري بر??در?? سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفر??س ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفر??س ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفر??س ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.