اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ ا??لام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ ??لچ??پي جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم جاپاني سيڙپڪارن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ تر??ي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وز??راعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، وز??راعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.