اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي ??زارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي ??زارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.