اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ تربيتي ڪو??سز جو اهتمام ڪن ته جيئن ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي اس??عمال تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي ميڊيا جي شعبي ۾ جديد رجحانن ۽ آءِ ٽي جي مختلف مهارتن کان روشناس ڪرائي سگهجي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ تربيتي ڪو??سز مڪمل ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي مختلف بيجز جي 25 آفيسرن گذريل هڪ مهيني دوران صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ هڪ هفتي تي ٻڌل تربيتي ڪو??سز جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي سرٽيفڪيٽس حاصل ڪيا. اي پي پي، پي آءِ ڊي، پيمرا، پي ٽي وي، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ ريڊيو پاڪستان مان نامزد آفيسرن تربيتي ڪو??سز ۾ شرڪت ڪئي. اهي ڪو??سز صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ 34 هين ايم سي ايم سي جي لاءِ ”ففٿ ڊومين اسپيسفڪ ٽريننگ ڪورس“ سان گڏ منعقد ڪيا ويا. هڪ مهيني جي تربيت مڪمل ڪرڻ تي عرفان اشرف قاضي کي خصوصي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪامياب آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان موقعي تي اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪو??سز جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ??ه اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي تربيتي ڪورس ترتيب ڏنا آهن، اهي ڪو??سز سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) 23 – 2022ع تحت صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جو حصو آهن. هن چيو ??ه وزارت جي سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ذيلي ادارن جي افيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ته اهي مستقبل ۾ وڌيڪ انگ ۾ صلاحيت ۾ اضافي جا ڪو??سز شروع ڪن ته جيئن اهي ميڊيا جي شعبي ۾ جديد رجحانن کان روشناس، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اس??عمال ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف ميڊيا پليٽ فارمز کي اس??عمال ۾ آڻيندي مختلف نوعيت جون مهارتون تيار ڪري سگهن. اطلاعات واري سيڪريٽري 49 ڪامن ٽريننگ پروگرام (49 سي ٽي پي) جي آفيسرن جيڪي آءِ ايس اي ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن کي مخاطب ڪندي چيو ??ه اهي پريس ريليز جي تياري ۽ ميڊيا جي مهارتن کانسواءِ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي اس??عمال تي ڌيان ڏين جيڪو ميڊيا تي تشهير جي شعبي ۾ سڀ کان اهم رخ آهي. هن اعلان ڪيو ??ه 39 هين خصوصي تربيتي پروگرام (ايس ٽي پي) مان ماضي جي مقابلي ۾ تربيت هيٺ آفيسر ڊگهي مدي لاءِ اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وزارت جي مختلف کاتن سان ڳنڍيا ويندا، ان سان انهن کي انهن کاتن جي ڪم کي بهتر طريقي سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊائريڪٽر ٽريننگ تربيتي ڪو??سز سان گڏوگڏ تربيت هيـٺ افيسرن جي اندرون ملڪ مطالعاتي دورن جو پڻ جائزو ورتو.