اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام جي اڻ??ڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه صرف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اث?? پون ٿا. فلسطيني عوام سان گڏ يڪ??هتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته اهو ڏينهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فلسطيني عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ مليل آهي. وزيراعظم ??يو ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ ا??لاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اث?? پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.