اسلا?? آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ ع??لم?? فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو ع??لم?? سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو ع??لم?? فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي ع??لم?? ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف ع??لم?? اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير ??يري رحمان جي ڪوششن ع??لم?? سطح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني ع??لم?? اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستح?? آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو ع??لم?? اتحاد موسمياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن??و.