ڪراچي – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته دنيا هن وقت مفادن تي ٻڌل تعاون بدران اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ڳولا ۾ آهي، سرحدون هاڻي غيرلاڳاپيل ٿي چڪيون آهن ڇو ته چئلينجز سرحدن جي پار ٿيڻ وارا آهن ان لاءِ ان موجب طريقيڪار پڻ اختيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي گورنر هائوس ۾ وفاقي اردو يو??يورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي عالمي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ پهرين پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??در ڊڪٽر عارف علوي گلوبل وارمنگ جي اثرن تي ڳالهائيندي چي?? ته موسمياتي تبديلي جا اثر پڻ سرحد پار آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته موجوده دور ۾ تعاون جو دارومدار ويزا جهڙي سفري دستاويزن تي نه آهي ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو هڪ ملڪ ۾ رهن ٿا جڏهن ته ٻئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. هن تقريب منعقد ڪرڻ تي اردو يو??يورسٽي کي ساراهيندي چي?? ته ڪانفرنس جو موضوع ”پاڪستان – پولينڊ لاڳاپا، بدلجندڙ عالمي نظام ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ پڻ تمام اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي بابت ڳالهائيندي هن چي?? ته آءِ ٽي سيڪٽر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به ننڍي ڪمپني به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائيندي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اصغر علي دشتي چي?? ته هي ڪانفرنس 6، 7 ڊسمبر تي آءِ بي اي ??ٽي ڪئمپس ڪراچي ۾ منعقد ٿي. هن چي?? ته هن ڪانفرنس جو اهتمام اردو يو??يورسٽي جي عالمي لاڳاپن ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنسي يو??يورسٽي آف مازوري ۽ وارميا پولينڊ گڏيل طور تي ڪيو آهي. هن چي?? ته ڪانفرنس جو مقصد تعليمي ماهرن، پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن کي ٻنهي رياستن جي وچ ۾ اڀرندڙ شعبن تي هڪ جهڙن خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن چي?? ته هي پهرين ڪانفرنس آهي جيڪا پولش يو??يورسٽي سان گڏ گذريل سال وفاقي اردو يو??يورسٽي ۽ يو??يورسٽي آف وارميا ۽ مازوري پولينڊ جي وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي ياداشت تحت منعقد ڪئي پئي وڃي. پنهنجي خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنس، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، يو??يورسٽي آف وارميا ۽ مازوري جي ڊائريڪٽر پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چي?? ته اسان جو عملو عالمي سطح تي تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ اسان مختلف شعبن ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چي?? ته اردو يو??يورسٽي ۽ يو??يورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري – پولينڊ گذريل سال گڏيل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چي?? ته هو ڪانفرنس جي موضوع کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ تمام گهڻو پراميد آهي ته هي تقريب تمام گهڻي ڪامياب ٿيندي. اهڙي قسم جي ڪانفرنس سائنسي سفارتڪاري سان ملي جلي ٿي. اردو يو??يورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پهرين پاڪستاني – پولينڊ عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته اردو يو??يورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي فيڪلٽي ميمبرن هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. پولينڊ جي مارڪيٽن کي مستحڪم قرار ڏيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پاڪستاني واپاري برادري پاران پولينڊ جي مارڪيٽ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت ي زور ڏنو. هن چي?? ته پولينڊ يورپ جو چوٿون وڏو ملڪ آهي جيڪو هڪ اهم جاگرافيائي جڳهه تي آهي ۽ ان کي يورپ جو گيٽ وي پڻ سمجهيو ويندو آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ اقصادي لاڳاپن ۾ هڪ اڳڀرائي ثابت ٿيندي. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي ڪراچي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چي?? ته آءِ بي اي ڪراچي پڻ اردو يو??يورسٽي وانگر هڪ پبلڪ سيڪٽر يو??يورسٽي آهي ۽ اسان سدائين تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي لاءِ ٻين ادارن سان تعاون ڪريون ٿا. اڪبر زيدي چي?? ته آءِ بي اي ??يڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اسان کي سمورين يو??يورسٽين سان شيئر ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن يو??يورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري پولينڊ جي عهديدارن کي پڻ آءِ بي اي ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.