اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? شام ۾ وڏي زلزلي سان ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شري?? شام جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ دعا ڪئ??. ه?? چيو ته ??اڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. پاڪستان شام جي بهادر عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي تباهي دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته اها موسمياتي تبديلين جي خطري جي مقابلي لاءِ متحد ٿئي.